عمر شريف

عمر شريف

عمر شريف

عمر شريف: نامياري اسٽيج اداڪار، ليکڪ، هدايتڪار ۽ مزاح نگار عمر شريف، 19 اپريل 1955ع تي لياقت آباد، ڪراچي (سنڌ) ۾ هڪ اردو ڳالهائيندڙ گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد عمر آهي، پر هو فن جي دنيا ۾ عمر ظريف ۽ پوءِ عمر شريف جي نالي سان مقبول ٿيو. هن فني زندگيءَ جو آغاز 1974ع ۾ چوڏهن سالن جي ڄمار کان ڪيو ۽ اسٽيج اداڪاريءَ ذريعي مقبوليت ماڻيائين. ٿيئٽر جي ابتدائي دور ۾ ئي مزاح تي ٻَڌل سندس اسٽيج ڊرامن: ’بڪرا قسطون پي‘ ۽ ’بڍا گهر پي هي‘ کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. مشهور مزاح نگار معين اختر سان سندس جوڙي تمام گهڻي مقبول ٿي. عمر شريف جي اسٽيج ڊرامن جي تمام گهڻي مقبوليت سبب 1980ع ۾ سندس اسٽيج ڊرامن کي رڪارڊ ڪري ويڊيو ڪيسٽ جي صورت ۾ آندو ويو. پي. ٽي. وي تي به مزاحيه پروگرام، ٽاڪ شو ۽ انٽرويوز تي مشتمل پروگرام ڪيائين. هن هڪ نجي پاڪستاني ٽي وي چئنل تي ’شريف شو‘ جي نالي سان ميزبان طور اهم پروگرام ڪيو، جنهن کي تمام گهڻي مقبوليت ملي. هن هندستان جي هڪ نجي چينل تي ڪاميڊي شو ۾ جج جا فرض سرانجام ڏنا. هن پاڪستاني فلمن ۾ به ڪم ڪيو، جن ۾ مسٽر 420، مسٽر چارلي ۽ ’خاندان اور لاٽ صاحب‘ شامل آهن. کيس بهترين هدايتڪار، اداڪار ۽ بهترين ڊراما نويس طور بيشمار اوارڊن سان نوازيو ويو، جن ۾ نيشنل اوارڊ، 4 نگار اوارڊ، 2 بولان اوارڊ، شڪاگو اوارڊ، وحيد مراد اوارڊ ۽ علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج طرفان اوارڊ اهم آهن. گڙدن جي بيماري سبب ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ کيس علاج لاءِ آمريڪا روانو ڪيو ويو پر طبيعت گهڻي خراب ٿيڻ سبب 02 آڪٽوبر 2021ع تي، 66 سالن جي عمر ۾ جرمني جي اسپتال ۾ وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيو.


لفظ عمر شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.04.19  عيسوي

عمر شريف، 19 اپريل 1955ع تي لياقت آباد، ڪراچي (سنڌ) ۾ هڪ اردو ڳالهائيندڙ گهراڻي ۾ جنم ورتو.


2021.10.02  عيسوي

عمر شريف 02 آڪٽوبر 2021ع تي، 66 سالن جي عمر ۾ جرمني جي اسپتال ۾ وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رخمان گل
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
فولاد فقير شر
شيخ عبدالهادي
سراج ڪمانگر
جوڻيجوعبدالخالق
بهلول
جتوئي اظهر
آسودارام سَنت
حاڪم علي شاهه بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون